اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) حڪومت واضح ڪيو آهي ته آئين تحت هر شهري کي ??حت??اج جو حق حاصل آهي، سيڪيورٽي خدشن جي ڪري مظاهرين کي ايڇ نائين يا ايف نائين پارڪ ۾ جڳهه ڏيڻ جي آڇ ڪئي، بلوچستان مان ايندڙ مظاهرين پرامن هئا، ڪجهه نقاب پوش مقامي ماڻهن صو??تحال خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پٿراءُ شروع ڪري ڇڏيو، سمورين گرفتار عورتن ۽ جن ماڻهن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي، انهن کي آزاد ڪيو ويو آهي، جن جي سڃاڻپ ناهي ٿي اهي حراست ۾ آهن، سڀاڻي عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار نگران وفاقي وزيرن مرتضيٰ سولنگي، فواد حسن فواد ۽ جمال شاهه اسلام آباد انتظاميا سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ??يو ته نگران وزيراعظم مظاهرين سان ڳالهين جي لاءِ ڪميٽي جوڙي هئي جنهن مظاهرين سان ملاقات ڪئي، حڪومت پاران فواد حسن فواد مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون. هن ??يو ته عورتن ۽ ٻارن جي فوري آزادي جي لاءِ ڪميٽي قدم کنيا جڏهن ته مظاهرين جي پراڻي مسئلن ج?? حوالي سان ڪميٽي پنهنجون سفارشون نگران وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا آڏو پيش ڪندي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نگران وفاقي وزير ۽ ڪميٽي جي ميمبر فواد حسن فواد ??يو ته بلوچستان مان آيل مظاهرين کي ايڇ نائين ۽ پوءِ ايف نائين پارڪ ۾ جڳهه ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي. هن ??يو ته گذريل 23 ڏينهن کان ڪجهه عورتون ۽ مرد پريس ڪلب آڏو ويٺل هئا، جيڪي ماڻهو بلوچستان مان آيا، انهن پاران ڪا شرانگيزي نه ڪئي وئي، پرامن هئا پر ڪجهه مقامي نقاب پوش ماڻهن صو??تحال خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پٿراءُ ڪيو. هن ??يو ته سيڪيورٽي خدشن جي ڪري مظاهرين کي بار بار درخواست ڪئي پئي وئي ته توهان ڪنهن ٻي جڳهه تي مظاهرو ڪريو. هن ??يو ته اڄ جن مظاهرين سان اسان جي ملاقات ٿي ته انهن ٻڌايو ته اسان پرامن هئاسين، اسان جو ڪو ارادو نه هو ته صو??تحال خراب ٿئي. هن ??يو ته مظاهرين سان ملاقات کانپوءِ آءِ جي اسلام آباد ۽ چيف ڪمشنر کان رپورٽ ورتي وئي، اهو معاملو نگران وزيراعظم جي نوٽيس ۾ آندو ويو آهي. انهي دوران نگران وزيراعظم سان بلوچستان جي اڳوڻي ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ پڻ رابطو ڪيو ۽ ان مسئلي کي فوري حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. هن ??يو ته ڪميٽي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون، گرفتار سمورين عورتن ۽ جن ماڻهن جي سڃاڻپ ٿي وئي هئي، انهن کي فوري طور تي آزاد ڪيو ويو، رڳو اهي ماڻهو حراست ۾ آهن جن جي سڃاڻپ نه ٿي. هن ??يو ته ايف آءِ آر ۾ جن ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو آهي انهن جو معاملو عدالت ۾ آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪمن موجب رپورٽ سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي. هن ??يو ته اسان آءِ جي پوليس اسلام آباد کي ??يو آهي ته هو گرفتار ماڻهن جي سڃاڻپ جو عمل مڪمل ڪري. انهن ماڻهن جو انگ تمام گهٽ آهي، 90 سيڪڙو کان وڌيڪ گرفتار مرد آزاد ٿي چڪا آهن. هڪ سوال تي هن ??يو ته سيڪيورٽي جا معاملا سڀني ڄاڻ ۾ آهن، سيڪيورٽي خدشن جي ڪري مظاهرين کي ايف نائين پارڪ يا ايڇ نائين گرائونڊ ۾ وڃڻ جو ??يو پئي ويو، حڪومت جي ان عمل سان اها پروپئگنڊه زائل ٿي وئي آهي ته اسلام آباد ۾ ??حت??اج جي اجازت نه آهي. هن ??يو ته پٿراءُ جو سلسلو انهن ماڻهن شروع ڪيو جيڪي بلوچستان مان ايندڙ مظاهرين ۾ شامل نه هئا. هن ??يو ته آئين جي اندر رهندي سڀني کي ??حت??اج جو حق حاصل آهي. فواد حسن فواد ??يو ته نگران وزيراعظم جي جوڙيل ڪميٽي مظاهرين سان ڳالهين ج?? حوالي سان پنهنجون سفارشون جوڙيندي، اسان جي سفارشن ۾ اهڙي طرح جي معاملن کي منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي پڻ موجود هوندي. هڪ سوال تي هن ??يو ته ??حت??اج جي اجازت موجود هئي پر ڪجهه ماڻهو ان معاملي کي ڪنهن ٻئي طرف وٺي وڃڻ چاهيندا هئا، بلوچستان هجي يا ڪو ٻيو صو??و، هر هڪ جو اسلام آباد اچڻ جو حق آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ??يو ته جيستائين چونڊن جي ڳالهه آهي ته چئلينجز هر جڳهه تي موجود هوندا آهن، 2008ع، 2013ع ۽ 2018ع جي چونڊن جي وقت به چئلينجز موجود هئا، رياست چئلينجز ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ثقافت ۽ قومي ورثي واري نگران وفاقي وزير ۽ ڪميٽي جي ميمبر جمال شاهه ??يو ته انتظاميا مظاهرين کي ايڇ نائين يا ايف نائين پارڪ ۾ ويهڻ جو چيو، گذريل 23 ڏينهن کان مظاهرين پريس ڪلب جي ٻاهر موجود هئا، انهن جي خلاف ڪنهن ايڪشن نه ورتو. هن ??يو ته ڪجهه سيڪيورٽي خدشن جي ڪري انتظاميا مظاهرين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. هن ??يو ته اسان مسئلن کي حل ڪرڻ چاهيون ٿا، ڪميٽي جون سفارشون نگران وزيراعظم کي پيش ڪيون وينديون.