ڪوئيٽا – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پيمرا رولز تحت لائيسنس يافته ٽي وي چينلز چئني صوبائي ??اد?? وارن شهرن ۾ پنهنجُون بيورو آفيسون قائم ڪرڻ جا پابند آهن، جيڪي چينل پنهنجا بيورو بند ڪري رهيا آهن، انهن جي مالڪن سان ڳالهه ڪنداسين، ميڊيا ورڪرز سان يڪج??تي جو اظهار ڪريون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچس??ان يونين آف جرنلسٽس جي اهتمام هيٺ بول نيوز، روزاني دنيا ۽ روزاني انتخاب مان ورڪرز جي جبري برطرفين جي خلاف منعقد مظاهري سان يڪج??تي جو اظهار ڪندي ڪيو. بلوچس??ان يونين آف جرنلسٽس جي صدر عرفان سعيد ان موقعي تي چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ميڊيا ورڪرن جي تحفظ جي لاءِ قدم کڻن، بلوچس??ان ۾ اڳ ۾ ئي روزگار جا موقعا محدود آهن. ان موقعي تي اطلاعات واري نگران صوبائي وزير جان اچڪزئي صحافين جي برطرفي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙيون پاليسيون لازمي آهن جيڪي صحافي برادري سميت ملازمن جي حقن جو تحفظ ڪن.