اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ??ه پاڪستان ريلوي جو مين لائين ون (ايم ايل ون) منصوبو سي پيڪ جو اهم حصو آهي ۽ حڪومت ان جي ترجيحي بنيادن تي تڪميل يقيني بڻائيندي، منصوبي جي تعمير دوران ماحولياتي اثرن جو خاص طور تي خيال رکيو وڃي، پاڪستان ۾ ريلوي جي شعبي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي ??سيع سگهه موجود آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ مين لائين ون (ايم ايل ون) منصوبي تي جائزه اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ نگران وفاقي وزير شمشاد اختر، سميع سعيد، نگران وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خصوصي صلاحڪار جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي مين لائين ون منصوبي جي ??ڄاڻي جي ??ختلف مرحلن ۽ تعميري هدفن بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته منصوبي جي حوالي سان منصوبابندي حتمي مرحلن ۾ آهي. جڏهن ته ايندڙ سال جي شروع ۾ منصوبي جي ??يڙهه جو پٿر رکيو ويندو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته منصوبو ٻن مرحلن ۾ تعمير ڪيو ويندو. پهرين مرحلي ۾ ڪراچي کان ملتان 930 ڪلوميٽر ريلوي لائين وڇائي ويندي، ان حصي ۾ 2022ع دوران ٻوڏ جي ??ر چڙهيل ريلوي انفراسٽرڪچر کي به عالمي معيار موجب جدت ڏني ويندي، ٻئي مرحلي ۾ ملتان کان پشاور 796 ڪلوميٽر جو حصو هوندو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته منصوبي کي ان طرز سان ٺاهيو پيو وڃي ته مستقبل ۾ ريلوي کي ضرورت موجب وڌيڪ جدت به ڏني وڃي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته منصوبي جي ??دفن کي مقرر وقت ۾ مڪمل ڪيو وڃي. نگران وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته پاڪستان ريلوي ۾ سڌارن تي ٺوس منصوبابندي ڪري جلد ??يش ڪئي وڃي ته جيئن ايم ايل ون منصوبي جي ثمرن مان مڪمل فائدو کنيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته مين لائين ون منصوبي جي شروعات ۽ ريلوي جا سڌارا نگران حڪومت جي اولين ترجيح آهي. مين لائين ون منصوبو پاڪستان ۾ مواصلاتي بنيادي ڍانچي جي ترقي ۾ خصوصي اهميت رکندڙ آهي. مين لائين ون منصوبو قومي نوعيت جو اهڙو منصوبو آهي ??يڪو ملڪ ۾ ٽرانسپورٽ شعبي ۾ انقلاب آڻيندو. هن هدايت ڪئي ته پاڪستان ريلوي ۾ سڌارا آڻي ان جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کنيو وڃي. مين لائين ون منصوبي جي ??دف جي ??قرر ڪيل وقت ۾ پڄاڻي يقيني بڻائي وڃي. منصوبي جي تعمير ۾ شفافيت جو خاص خيال رکيو وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته منصوبي جي ??ڪمل ٿيڻ سان ملڪ ۾ نوان روزگار جا موقعا ۽ سامان جي ??هچ جي ??اڳت انتهائي گهٽ ٿيندي. منصوبي جي ??ڪمل ٿيڻ سان سفري لاڳت ۽ گهربل وقت ۾ گهٽتائي ٿيندي. منصوبي جي ??ڪمل ٿيڻ سان پاڪستان جي بندرگاهن جا نه رڳو ملڪ جي ??عاشي مرڪزن سان مواصلاتي رابطا بهتر ٿيندا پر سي پيڪ تحت خطي جي ??ين ملڪن جي ??اءِ ٽرانزٽ روٽ جو مقصد به پورو ٿيندو.