اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جاپان ڊفينس فو??سز ڊي 2023ع جي موقعي تي جاپان حڪو??ت ۽ جاپان جي عوام کي مبارڪباد ڏيندي ??يو آهي ته پاڪستان ۽ جاپان جا دفاعي لاڳاپا مضبوط ٿي رهيا آهن. اها ڳالهه هن 69 هين جاپان ڊفينس فو??سز ڊي 2023ع جي موقعي تي جاپان جي سفير واڊا مٽسوهيرو پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت جي موقعي تي چئي. آجياڻي ۾ عسڪري عم??دارن، نگران وفاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، سفارتڪارن سميت ٻين ماڻهن شرڪت ڪئي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير ??يو ته جاپان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دفاعي مٽاسٽا ۾ اڳڀرائي ڏسي خوشي ٿي آهي. ان موقعي تي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير پاڪستان ۾ مقرر جاپان جي سفير ۽ ٻين سان گڏ 69 هين جاپان ڊفينس فو??سز ڊي 2023ع جي مناسبت سان ڪيڪ پڻ ڪاٽيو.