اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاڳاپيل عملدارن کي معاشري ۾ مالي پاڻڀرائپ جي فروغ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۽ بي آءِ ايس پي جي ڊيٽابيس کي ٽارگيٽڊ سبسڊيز جي لاءِ ا??تع??ال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ ??رو??رام جي بينيفشريز جي لاءِ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب فني تربيت جي فراهمي سان اهل ماڻهو پنهنجي پيرن تي بيهي سگهندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ بينظير انڪم سپورٽ ??رو??رام (بي آءِ ايس پي) جي حوالي سان هڪ جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بينظير انڪم سپورٽ ??رو??رام جي چيئرپرسن ڊاڪٽر امجد ثاقب، غربت جي خاتمي واري وزارت جي سيڪريٽري يوسف خان ۽ ٻين سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي ??رو??رام جي هيستائين جي نتيجن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي بابت ٻڌايو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته بينظير انڪم سپورٽ ??رو??رام سان پوري ملڪ ۾ اٽڪل هڪ ڪروڙ خاندانن جا 6 ڪروڙ ماڻهو فائدو کڻي رهيا آهن جڏهن ته هن سال ??رو??رام جي ڪل بجيٽ 471 ارب رپيا آهي. نگران وزيراعظم بينظير انڪم سپورٽ ??رو??رام تحت مستحق خاندانن جي معاونت تي ??رو??رام جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. نگران وزيراعظم چيو ته بينظير انڪم سپورٽ ??رو??رام جا نتيجا انتهائي خوش آئنده آهي پر پاڪستان جو پائيدار مستقبل ماڻهن جي مالي پاڻڀرائپ سان واڳيل آهي. ان حوالي سان نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي معاشري ۾ مالي پاڻڀرائپ کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته بينظير انڪم سپورٽ ??رو??رام جو هڪ بهترين ڊيٽابيس آهي جنهن کي ٽارگيٽ??ڊ سبسڊيز جي لاءِ ا??تع??ال ۾ آندو وڃي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي پاڪستان حڪومت ۽ مقامي انسان دوست تنظيمن جي وچ ۾ حصيداري جي حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته بينظير انڪم سپورٽ ??رو??رام جي بينيفشريز جي لاءِ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب فني تربيت جي فراهمي سان اهل ماڻهو پنهنجي پيرن تي بيهي سگهندا. نگران وزيراعظم چيو ته وڏا ڪاروباري ادارا ۽ سرندي وارا ماڻهو ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبليٽي تحت بينظير انڪم سپورٽ ??رو??رام جا حصيدار بڻجن. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته بينظير انڪم سپورٽ ??رو??رام مقامي خيراتي ۽ فلاحي تنظيمن سان پارٽنرش?? ڪري. نگران وزيراعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان رياست ڪمزور طبقن جي هر ممڪن مدد ڪندي ته جيئن اهي هڪ پراميد زندگي گذاري سگهن.