لاهور – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ شاعر مشرق ??لا??ه محمد اقبال جي مزار تي حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم چيو ته شاعر مشرق جي خ??اب جي تعبير ماڻڻ جي لاءِ ننڍي کنڊ جي مسلمانن گڏجي جدوجهد ڪئي پر اقبال جي خ??اب جي مڪمل تعبير ت??هن ئي ممڪن ٿيندي ج??هن اسان بحيثيت قوم ملڪ جي بهتر مستقبل جي لاءِ جدوجهد ڪ??داسين.