اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي ??ي پي) ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ميڊيا جا جائز مطالبا حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي مڪمل يقين رکي ٿي، ميڊيا رياست جو وڏو ۽ اهم ٿنڀ آهي، ميڊيا تنظيمن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ضروري قدم کنيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري ??گر??ن وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اطلاعات وارو وفاقي سيڪريٽري ظهور احمد، پرنسپل انفارميشن آفيسر طارق محمود خان ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر اي ??ي پي محمد عاصم کچي به موجود هُئا. ??گر??ن وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ اي پي ا??ن ايس، سي پي ا??ن اي اخباري صنعت جي مسئلن سميت ٻ??ن اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ??گر??ن وزيراعظم هدايت ڪئي ته ميڊيا جا جائز مطالبا حل ڪيا وڃن. ??گر??ن وزيراعظم چيو ته ميڊيا رياست جو وڏو ۽ اهم ٿنڀ آهي، حڪومت اظهار جي آزادي تي مڪمل يقين رکي ٿي. ميڊيا تنظيمن سان ملاقاتن جو سلسلو جاري رهندو ۽ انهن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ضروري قدم کنيا ويندا.