بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪ??ڪڙ بيجنگ ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي تعاون بابت ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم (بي آر ايف) ۾ شرڪت ڪئي. بي آر ايف جي اعليٰ سطحي جي فورم کي ”آزاد عالمي معيشت ۾ رابطن جي اهميت“ جي موضوع تي فورم کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم ٽئين بي آر آئي فورم جي ڪامياب انعقاد تي چيني قيادت کي مبارڪباد ڏني. هن گڏيل مستقبل ۽ بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽوجي عالمي ڪميونٽي جي صدر شي جي ويزن کي ساراهيو جيڪو عالمي رابطي، گڏيل ترقي ۽ گڏيل خوشحالي جي لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. هن صدر شي جن پنگ جي منظرعام تي ايندڙ 8 نقاطي ايجنڊا جي حمايت پڻ ڪئي. بي آر آئي جي فليگ شپ منصوبي جي طور تي چين ??اڪ??تان ??قت??ادي لنگهه (سي پيڪ) پنهنجي 10 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪ??ڪڙ ??اڪ??تان ۾ نوان ??قت??ادي موقعا پيدا ڪرڻ ?? سي پيڪ جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو. ??اڪ??تان جي مضبوط ??قت??ادي ترقي جي لاء?? ان جي اهميت کي اجاگر ڪندي هن سي پيڪ کي ترقي، جدت، روزگار جي ذريعي، سبز معيشت، آزاداڻي ۽جامعيت جي لنگهه جي چيني تجويز جي توثيق ڪئي. نگران وزيراعظم بني نوع انسان کي درپيش مُشڪل عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن ۽ 2030ع جي ايجنڊا تحت حاصل ٿيندڙ ڪاميابين ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي لاءِ متفقه عالمي ردعمل جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چرپر، توانائي ۽ ڊيجيٽل معيشت ?? سيڙپڪاري ڪري اسرندڙ دنيا ۾ بنيادي ڍانچي جي خال کي ختم ڪرڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو.