روالپنڊي-06 آڪٽوبر(اي پي پي)پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ ٻيا سرڪاري کاتا غير قانوني سرگرمين خلاف ڪاررواين کي پوري طاقت سان جاري رکندا ته جيئن وسيلن جي چوري ۽ انهن سرگرمين سبب ملڪ کي ٿيندڙ معاشي نقصانن کي ??وڪي سگهجي. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف ڪراچيءَ جو دؤرو ۽ نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سان صوبائي ايپڪس ڪ??يٽ??ءَ جي اجلاس کي ??طاب ڪري رهيو هو. اپيڪس ڪ??يٽ??ءَ جي اجلاس دوران نظرثاني ٿيل نيشنل ايڪشن پلان، سنڌ جي ڪچي علائقي ۾ آپريشن، سي پي اي سي/نان سي پي اي سي/پرائيويٽ پراجيڪٽس تي ڪم ڪندڙ پرڏيهي شهرين جي سيڪيورٽي، غير قانوني پرڏيهين جي وطن واپسي، غير ملڪي ڪرنسيءَ کي ??يگولرائز ڪرڻ جي ق??من، ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان، سنڌ ۾ ايس آءِ ايف سي جي ق??من تي اڳڀرائي ۽ گرين سنڌ جي ق??من تي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف تاريخي ق??من جي فائدي لاءِ سمورن لاڳاپيل کاتن وچ ۾ هم آهنگي جي ضرورتن تي زور ڏنو. شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه کي ورجايو ته رياستي ادارا، سرڪاري کاتا ۽ عوام صوبي جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ متحد آهن. ان کان اڳ آرمي چيف جي آمد تي ڪور ڪمانڊر ڪراچي سندس استقبال ڪيو.