اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سوشل ميڊيا تي گردش هيٺ پنج هزار رپين جي ڪرنسي نوٽ تي پابندي جي حوالي سان نوٽيفڪيشن کي ج??لي قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان حڪومت اهڙي قسم جي ج??لي نوٽيفڪيشن پکيڙين??ڙن جي خلاف سخت ڪا??روائي ڪندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات و??ري نگران وفاقي وزير بظاهر فنانس ڊويزن جي انٽرنل فنانس ونگ جي (جعلي) نوٽيفڪيشن جي ڪاپي جو حوالو ڏيندي چيو ته اهو نوٽيفڪيشن ج??لي آهي?? اهڙي قسم جي ج??لي نوٽيفڪيشن پکيڙين??ڙن جي خلاف سخت ڪا??روائي ڪئي ويندي. ٻئي طرف اطلاعات ۽ نشريات و??ري وزارت جي ٽوئيٽر هينڊلر ”فيڪٽ چيڪر“ پڻ ان نوٽيفڪيشن کي ج??لي قرار ڏنو. ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ اطلاعات و??ري وزارت چيو ته ج??لي خبرون پکيڙڻ نه رڳو غيراخلاقي ۽ غيرقانوين آهي پر اها قوم جي توهين به آهي، هر ڪنهن جي ذميواري آهي ته اهو اهڙي قسم جي غيرذميواراڻي رويي کي رد ڪري.