اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد (نشان حيدر) روڊ (اڳوڻي آءِ جي پي) روڊ جي نئين سر تعمير جي منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. افتتاحي تقريب ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو خاص معاون احد چيما، قومي اسيمبلي م??مب?? طاهره اورنگزيب، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي م??مب??ن حنيف عباسي، ڊاڪٽر طارق فضل چو??ري?? ملڪ ابرار، انجم عقيل خان، ملڪ شڪيل اعواڻ ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن کانسواءِ سي ڊي اي چيئرمين نورالامين مينگل ۽ ڪمشنر راولپنڊي لياقت چٺا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن ۽ اهلڪارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي ان منصوبي بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي. اڳوڻي آءِ جي پي روڊ جو نالو تبديل ڪري ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد رکيو ويو آهي. 9.8 ڪلوميٽر ??گه?? رستو فيض آباد کان پير وڌائي موڙ (پشاور موڙ راولپنڊي) تائين نئين سر تعمير ڪئي وئي آهي. ان منصوبي ۾ 2 اوور هيڊ برج ٺاهيا ويا آهن. منصوبو اڳوڻو حڪومت جي دور ۾ تعطل جو شڪار رهيو. موجوده حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ان تي ڪم تيز ڪري وزيراعظم م??مد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي. ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد روڊ جي تعمير سان فيض آباد کان پير وڌائي موڙ تائين ٽريفڪ جي وهڪري ۾ بهتري ايندي ۽ راولپنڊي اسلام آباد جي وچ ۾ شين ۽ سامان جي ??رپر ۾ آساني ٿيندي. هيوي ٽريفڪ جي ??ري اڳ اهو روڊ ڪلاڪن تائين بلاڪ رهندو هو. ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان عوام جو پراڻو مسئلو حل ٿي ويو.