اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي قرضن مان جان ڇڏرائڻ گهرجي، چين سميت دوست ملڪن هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، پنهنجي قدرتي وسيلن مان فائدو کڻي پاڻڀرا ٿي سگهون ٿا، اسان کي ڳالهين ۽ واعدن بدران ملڪ جي ??رقي جي لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا، اتحادين سان گڏجي ??رقي جو سفر جاري رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم نيشنل انوويشن ايوارڊ جي ??قريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته انهن نوجوانن پنهنجي ??عليم دوران پنهنجي محنت سان مختلف شعبن ۾ جدت تي ٻڌل مهارتن ۽ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، انهن جي والدين ۽ استادن کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو جن جي ڪري قوم توهان تي فخر ڪري ٿي. هن چيو ته انهن نوجوانن جي قابليت اهم آهي، انهن ٻارن جو اعتماد خوش آئنده آهي، ملڪ جو مستقبل هونهار هٿن ۾ محفوظ آهي، اسان کي انهن قابل ۽ حقدار نوجوانن تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، اهي ئي قو??ون ترقي ڪن ٿيون جن جي نوجوان نسل جي هٿ ۾ هنر ۽ ڊگري هوندي آهي، ڀلي اها زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي يا ڪا صنعت ??جي. هن چيو ته خادم پنجاب جي ??يثيت سان پنجاب اسڪلز ڊيولپمينٽ ڪميٽي پروگرام شروع ڪيو، حڪومتون صنعتون ناهن لڳائينديون پر انهن کي فعال ڪرڻ جي لاءِ سهولتون فراهم ڪنديون آهن، اسان نوجوانن تي سيڙپڪاري ڪئي، ڏکڻ پنجاب کان پروگرام شروع ڪيو، في شاگرد 10 هزار رپيا ڏنا ويا، هزارين ٻارن کي تربيت ڏني وئي، پنجاب ۾ باصلاحيت نوجوانن ۾ ميرٽ تي لکين ليپ ٽاپ ورهايا، هر صوبي جي ڪوٽا رکي وئي، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي نوجوانن کي ليپ ٽاپ ڏنا ويا آهن، ان پروگرام تي تنقيد ڪئي وئي، آئون ليپ ٽاپ ورهائي رهيو هئس ڪلاشنڪوف نه. هن چيو ته ڪورونا وبا دوران ليپ ٽاپ جي ??ريعي تعليم جو سلسلو جاري رهيو، نوجوانن کي روزگار جا موقعا مليا، منهنجي ??واهش آهي ته ملڪ جي هر هوشيار شاگرد وٽ ليپ ٽاپ هجي ??ه جيئن اهي وڌ کان وڌ ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ۽ اسان جي ??وستن چين، قطر ۽ ٻين ملڪن بابت ڄاڻي سگهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي مشڪل معاشي چئلينجز درپيش آهن، اهڙا وقت ايندا رهندا آهن، جيڪڏهن قوم مضبوط ارادو ڪري وٺي ته اسان اهڙن مشڪل چئلينجز کي منهن ڏئي سگهون ٿا. هن چيو ته چين پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏئي رهيو آهي، هڪ ارب ڊالر وڌيڪ چين پاڪستان کي ڏنا آهن جيڪي اسٽيٽ بئنڪ ۾ اچي ويا آهن، گذريل 75 سالن دوران مختلف دورن ۾ قرض ورتا ويا، اهو وڏو بار آهي، اهي ئي قو??ون اڳتي وڌنديون آهن جيڪي قرضن مان منافعو حاصل ڪنديون آهن ۽ اڳتي وڌنديون آهن، محنت، ديانت ۽ قابليت سان اهو مقصد حاصل ٿي سگهي ٿو، اسان کي قرضن مان جان ڇڏرائڻ گهرجي، اعتماد جوڳي دوستن جي چهرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهي چئي رهيا آهن ته ڪيستائين قرض وٺندا رهندا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال آهي، اسان جي ??ڪومت جي ??ور ۾ پنجاب ترقي ڪري رهيو هو، انسانن پاران پيدا ڪيل بحران سنگين آهن. هن چيو ته اسان پاڪستاني نوجوانن سان گڏجي ملڪ جي ??قدير بدلائينداسين، اهو وقت ايندو جڏهن پاڪستان جو هٿ وٺندڙ نه ڏيندڙ ٿيندو، اسان کي ڳالهين سان نه عمل سان ثابت ڪرڻو آهي، محنت سان ئي ڪاميابي ممڪن آهي. هن چيو ته اسان جي ??زرگن جي قربانين سان پاڪستان وجود ۾ آيو، اسان 1971ع جي ??اريخي سانحي مان سبق نه سکيو، اڄ اسان متحد ٿي وڃون، هڪ ٻئي کي طعنيٰ نه هڻون، معيشت جي ??يجنڊا تي هڪ ٿي وڃون ته ڪير به اسان کي منزل حاصل ڪرڻ کان روڪي نه ٿو سگهي. شهباز شريف چيو ته دنيا ۾ حڪومتون بدلجنديون رهنديون آهن پر انهن جي قومي ايجنڊا تبديل ناهي ٿيندي، اسان کي پرڏيهي ۽ معاشي پاليسي تي هڪ ايجنڊا جوڙڻ گهرجي. هن چيو ته ڪجه ماڻهن چين بابت الزام بازي ڪئي اها محسن ڪشيءَ آهي ان سان چين جي ??ل آزاري ٿي. وزيراعظم چيو ته پرڏيهي وزير ۽ ??ون چين کي يقين ڏياريو ته اهي وقتي ڳالهيون هيون، هاڻي ائين نه ٿيندو، چين مشڪل وقت ۾ اسان سان گڏ بيٺل آهي، چين، قطر ۽ سعودي عرب سميت ٻين دوست ملڪن مشڪل وقت ۾ اسان جو ساٿ ڏنو. هن چيو ته ملڪ مان بجلي جي ??ونداهي ختم ڪرڻ ۾ سي پيڪ جو اهم ڪردار آهي، اسان کي ڪنهن ٻئي کي وقتي طور تي خوش ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ??وست کي نه وسارڻ گهرجي، متحد ٿي ملڪ جو وڃايل مقام ڏيارينداسين ۽ ان کي عظيم بڻائينداسين. هن چيو ته تمام جلد پاڪستان جو نالو نه رڳو اسلامي دنيا پر عالمي دنيا ۾ بلند ٿيندو، سائي هلالي جهنڊي جي ??زت ٿيندي. ان موقعي تي وزيراعظم آذربائيجان جي ??فير کي اسٽيج تي گهرائي ان جا آذربائيجان جي ??وري دوران شاندار مهمان نوازي تي ٿ??را مڃيندي چيو ته آذربائيجان سان سستي گئس فراهمي جو معاهدو ٿي ويو آهي، باڪو تمام خوبصورت شهر آهي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف نيشنل انوويشن ايوارڊ ۾ حصو وٺندڙ باصلاحيت نوجوانن ۾ چيڪ ۽ ايوارڊز ورهايا. تقريب کي وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون شزه فاطمه خواجه پڻ خطاب ڪيو.