اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه ??ي ضم ٿيل ضلعن جي لاءِ بجيٽ ۾ خصوصي ترقياتي منصوبا شا??ل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان خيبرپختونخواهه ??ي ضم ٿيل ضلعن سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن ڪالهه اربع ڏينهن ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪندڙن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين واري وفاقي وزير ساجد حسين طوري، قومي اسيمبلي ميمب??ن محسن داوڙ ۽ محم?? جمال الدين شامل هئا. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه ??ي ضم ٿيل ضلعن جي ماڻهن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم کي بجيٽ جي حوالي سان خيبرپختونخواهه صوبي ??ي ضم ٿيل ضلعن جي مسلئن جي حل لاءِ قدمن ۽ ترقياتي منصوبن تي تج??يز??ن ڏنيون. وزيراعظم انهن تج??يز?? جي آجيان ڪندي لاڳاپيل عملدارن کي ان تي مشاورت ڪري انهن کي بجيٽ ۾ شا??ل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.