اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) ٻن ڏينهن وارو فليگ شپ اسلام آباد سيڪيورٽي ڊائيلاگ (اڄ) اربع ڏينهن ??اڪ چين فرينڊشپ سينٽر ۾ شروع ٿيندو جنهن ۾ ملڪ کي درپيش اه?? چئلينجن ۽ موقعن تي بحث ٿيندي. ٽئين اسلام آباد سيڪيورٽي ڊائيلاگ جو موضوع ”تڪرار کان اڳتي؟ منسقم دنيا ۾ عالمي ايجنڊا جي نئين سر ترتيب“ آهي. اسلام آباد سيڪيورٽي ڊائيلاگ مقامي ۽ علائقائي سطح تي ڪجهه اه?? ترين مسئلن تي تنقيدي سوچ ۽ مضبوط فڪري گفتگو لاءِ هڪ پليٽ ??ارم طور اڀريو آهي. هائبرڊ ايونٽ جي ٽئين ايڊيشن ۾ عالمي مفڪرن ?? اس??ال??ز، تعليمي ماهرن، پاليسي ساز، مشهور عالمي ميڊيا پرسنز، وفاقي ڪابينا جا ميمبر، سفارتي ڪور، اڳوڻا سرڪاري آفيسر، قانوني ماهر، ٿنڪ ٽينڪس جا نمائندا ۽ سول سوسائٽي جا ميبمر شرڪت ڪندا. ان پروگرام ۾ 7 ويهڪون ٿينديون، جنهن ۾ ”ڪمانڊرز فورم: جنگ جي بدلجندڙ نوعيت“، غير يقيني جي دور ۾ تعاون سميت ٻين موضوعن تي غور ڪيو ويندو.