اسلام آبا?? – 04 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اميد ظاهر ڪئي آهي ته ش??گه????ي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو اجلاس ڪامياب رهندو. پرڏيهي وزير ايس سي او اجل??س ۾ شرڪت جي لاءِ گووا پهچڻ تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ش??گه????ي تعاون تنظيم جي اجل??س ۾ شرڪت ۽ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪرڻ منهنجي لاءِ خوشي جي ڳالهه آهي. اميد ڪريان ٿو ته ايس سي او جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو اجلاس تمام گهڻو ڪامياب رهندو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي اجل??س ۾ شرڪت جي دعوت ايس سي او جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي موجوده سربراهه ڀارتي پرڏيهي وزير ڏني آهي.