اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان امن، استحڪام، ترقي ۽ انساني حقن تي پڪو يقين ??کي ٿو، گڏيل قومن جي انتظام هيٺ پاڪستان دنيا جي و??وڙي علائقن ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستاني ??يس ڪيپرز سڄي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي امن دستن جي 75 هين ??الگرهه تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير چيو ته اسان جي پيس ڪيپرز سڄي دنيا ۾ امن جي لاءِ جانين ??ون قربانيون ڏنيون آهن، 177 پاڪستاني ??يس ڪيپرز امن جي لاءِ جانين ??ا نذرانا پيش ڪيا آهن. حنا رباني کر چيو ته پاڪستان جي يو اين پيس سان تاريخي حصيداري آهي ۽ پاڪستاني ??يس ڪيپرز سڄي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، گذريل سال 8 پاڪستاني ??يس ڪيپرز گڏيل قومن جي ج??نڊي هيٺ شهادت ماڻي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو ته پاڪستاني عورتون زندگي ج?? هر شعبي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هن گڏيل قومن جي ڪمان هيٺ امن دستن جي دنيا جي مختلف علائقن ۾ خدمتن ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ انهن ڀرپور ڪوششن جو ذڪر ڪندي زبردست لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته گڏيل قومن جي امن فوج جي 75 سالا تاريخ ۾ هيستائين وڏي انگ ۾ پاڪستاني ??يس ڪيپرز گڏيل قومن جي 46 امن مشنز ۾ بهادري سان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.