اسلام آباد – 11– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته اتحادي حڪومت جي هڪ سال جي ڪارڪردگي ڪاميابي جي سفر سان لکيل آهي جنهن دوران پاڪستان جي ساک بحال ٿي ۽ ملڪ کي درپيش ڏکئي معاشي ۽ توانائي جي چئلينجز تي ضابطو آندو ويو، مخ??لف منشور رکندڙ سياسي پارٽين جو گڏيل قومي مقصد جي لاءِ هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻ ملڪ جي سياسي ارتقا ۾ هڪ اهم اڳڀرائي جي عڪاس ۽ مفاهمت جي سياست جو آئينه دار آهي. موجوده حڪومت جو هڪ سال پورو ٿيڻ تي معيشت، توانائي، سفارتڪاري، مواصلات ۽ ماحوليات سميت مخ??لف شعبن ۾ حڪومتي ڪارڪردگي جي حوالي سان پنهنجي ڪيترن ئي ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم چي?? ته اڄ اتحادي حڪومت جو هڪ سال مڪمل ٿي رهيو آهي جڏهن مون وزارت عظميٰ جو حلف کنيو، منهنجي نقطه نظر سان هي سال وڏن چئلينجز ۽ مشڪلاتن جو سال هو، عمران نيازي جي حڪومت جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ رڳو ان حوالي سان بي مثال نه هئي ته پي ڊي ايم اقتدار ۾ آئي پر ان لاءِ ته پاڪستان جي اٽڪل سموريون سياسي قوتون پارليامينٽ جي فورم کي استعمال ڪندي آئيني ذريعن سان غيرمقبول حڪومت کي ووٽ جي طاقت ??ي ذريعي هٽائڻ جي لاءِ گڏ ٿي. هن چي?? ته مخ??لف منشور رکندڙ سياسي پارٽين جو گڏيل قومي مقصد جي لاءِ هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻ ملڪ جي سياسي ارتقا ۾ هڪ اهم اڳڀرائي جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چي?? ته اپريل 2022ع کانپوءِ جو دور ڇڪتاڻ ۽ انتقام بدران مفاهمت ۽ تعاون جي نئين سياست جو آئينه دار آهي. هن چي?? ته عمران خان پاران وڇايل اقتصادي سرنگهن ۽ عالمي سطح تي پيٽروليم مصنوعات ۽ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ لاهن چاڙهن جي باوجود پاڪستان جي معيشت بدستور جاري آهي ۽ ڊيفالٽ جون سموريون اڳڪٿيون غلط ثابت ٿيون، معيشت جي بحالي لاءِ مخلصاڻيون ڪوششون جاري آهن. وزيراعظم چي?? ته اتحادي حڪومت نيازي حڪومت دور ۾ پاڪستان جي سفارتي لاڳاپن کي پهچايل نقصانن جي ازالي ۽ نئين سر جوڙجڪ سان گڏوگڏ انهن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم چي?? ته اسان عوام کي اهو ٻڌائي سگهون ٿا ته گذريل هڪ سال دوران اسان هڪ حصيدار ۽ دوست طور پاڪستان جي ساک قائم ڪرڻ ۾ وڏي حد تائين ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. وزيراعظم چي?? ته پاڪستان کي گذريل سال بدترين ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو، حڪومت ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فيصلائتي انداز ۾ بچاءُ، ريليف ۽ بحالي جون ڪوششون ڪيون، لکين متاثرين کي سماجي تحفظ فراهم ڪيو ۽ عالمي برادري کي متحرڪ ڪيو، انهن قدمن کي دنيا ساراهيو آهي. وزيراعظم چي?? ته پبلڪ ٽرانسپورٽ جي بنيادي ڍانچي جي تعمير تحت حڪومت گذريل سال اپريل ۾ پنهنجي قيام کانپوءِ کان اسلام آباد ۾ ترقياتي ۽ ٽرانسپورٽ جي بنيادي ڍانچي جي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ تي ڌيان ڏنو آهي جنهن جو مقصد شهرين ک?? چرپر ۾ آساني، آرامده ۽ سستي سهولت جي فراهمي آهي. وزيراعظم چي?? ته گذريل هڪ سال دوران اسان شهرين کي سهولت ڏيڻ جي لاءِ انرجي مڪس جي لاءِ ڪوششون استعمال ۾ آنديون آهن ۽ ان سلسلي ۾ شمسي، هائيڊل ۽ ڪوئلي سان بجلي جي منصوبن تي ڌيان ڏيڻ جو مقصد بجلي پيدا ڪرڻ جي مهانگي ذريعن کي سستي منصوبن ۾ بدلائڻ آهي. وزيراعظم چي?? ته عالمي سطح تي مهانگائي عوام کي بري طرح متاثر ڪيو آهي، جيو اسٽريٽجڪ مخاصمت، ٻارڻ ۽ غذائي جنسن جي قيمتن ۾ اضافي ۽ بدترين ٻوڏ موجوده مهانگائي جا ڪجهه عمل آهن، انهن مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي حڪومت سماجي تحفظ جي نيٽ کي سگهه ڏني ۽ ٽارگيٽيڊ سبسڊي مهيا ڪئي. هن چي?? ته پي ڊي ايم جي حڪومت ۾ پاڪستان فيٽف جي گري لسٽ مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، اهو بهترين بين الوزارتي رابطاڪاري ۽ اسان جي عسڪري قيادت پاران ڏني ويندڙ حمايت جي ڪري ممڪن ٿيو، اهو هڪ ڊگهو سفر هو پر مسلسل ڪوششن ان کي ممڪن بڻايو. وزيراعظم چي?? ته حڪومت عالمي سطح تي پاڪستان جو ڪيس پيش ڪرڻ جي لاءِ موسمياتي سفارتڪاري جو استعمال ڪيو، جي 77 پلس چائنا جي صدر جي حيثيت سان اسان لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ ۾ مددگار رهياسين، جنيوا ۾ ڪانفرنس ۾ 19 ارب ڊالر جا اعلان اسان جي ڪامياب سفارتڪاري جو ثبوت آهي.