اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آ??ي ته پارليامينٽ کي حقيقي معنيٰ ۾ قومي زندگي ج?? محور بڻائڻ جو وقت اچي ويو آ??ي، آئين جي روشني ۾ جوڙيل رولز آف دي گيم ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آ??ي. پاڪستان جي 1973ع جي آئين جي 50 هين س??لگ??هه جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ قوم 1973ع جي آئين جي گولڊن جوبلي ملهائي رهي آهي، هي هڪ مقدس دستاويز آهي ج??هن گذريل اڌ صديءَ دوران ڪيترن ئي طوفانن کي منهن ڏيندي وفاق کي متحد رکيو. وزيراعظم چيو ته هو ان موقعي تي آئين جي خالقن کي انهن جي سياسي دورانديشي تي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته 1973ع جي آئين جو اسان جو قومي ڪردار، سڃاڻپ ۽ مستقبل جي لاءِ رستو مقرر ڪرڻ ۾ مرڪزي ڪردار آهي. هن چيو ته وقت اچي ويو آ??ي ته پارليامينٽ کي حقيقي معنيٰ ۾ پنهنجي قومي زندگي ج?? محور بڻايو وڃي ۽ آئين جي روشني ۾ ٺاهيل رولز آف دي گيم ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آ??ي.