اسلام آباد – 24 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان فارن آفيس وومين ايسوسيئيشن جي هڪ وفد تباهي آڻيندڙ زلزلي متاثر ترڪيءَ ۽ ش??م جي عوام لاءِ عطيو ڏيڻ جي لاءِ ترڪيءَ جي سفير مهمت پڪاسي ۽ ش??م جي سفير رميز الراعي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان فارن آفيس وومين ايسوسيئيشن جي صدر مسز زنيره اسد انهن کي چيڪ پڻ ڏنو. پاڪستان فارن آفيس وومين ايسوسيئيشن جي صدر ٻنهي ملڪن ۾ زلزلي سان قيمتي جانين جي افسوسناڪ نقصان ۽ وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن مارجي ويلن جي لاءِ دعا ۽ باهمت ڀائر عو??م جي صحتيابي جي لاءِ دعا پڻ ڪئي. ترجمان موجب پاڪستان فارن آفيس وومين ايسوسيئيشن پاران ڏنل عطيو ضرورت جي هن وقت ترڪيءَ ۽ ش??م جي ڀائر عو??م جي لاءِ پرڏيهي وزارت جي يڪجهتي ۽ حمايت کي ظاهر ڪري ٿو. پاڪستان فارن آفيس وومين ايسوسيئيشن ملڪ ۾ 2005ع جي زلزلي، 2010ع ۽ 2022ع جي ٻوڏ سميت ٻاهرئين ملڪ ۽ قومي سطح تي قدرتي آفتن جي متاثرين جي ڀلائي ۽ هنگامي امداد جي ڪوششن ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو آهي. پاڪستان فارن آفيس وومين ايسوسيئيشن هڪ رجسٽرڊ غيرسرڪاري تنظيم آه??، جيڪا پاڪستان فارن سروس جي آفيسرن جي گهروارين ۽ پاڪستان جي عورت سفارتڪارن کي خيراتي ڪمن جي لاءِ گڏ ڪري ٿي.