اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف زلزلي متاثرين سان يڪجهتي جي لاءِ 16 ۽ 17 فيبروري تي ??رڪ??ه جو دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب انقره ۾ پنهنجي قيام دوران وزيراعظم ??رڪ??ه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪندو ۽ زلزلي سان قيمتي جانين جي زيان تي تعزيت ۽ وڏي پئماني تي ٿيندڙ نقصان تي پوري پاڪستاني قوم پاران دلي همدرديءَ جو اظهار ڪندو. وزيراعظم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ترڪ عوام سان گڏ بيٺل هجڻ ۽ جاري امدادي ڪوششن ۾ هر ممڪن تعاون جاري رکڻ جي پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائيندو. وزيراعظم ڏکڻ ??رڪ??ه ۾ زلزلي کان متاثر علائقن جو دورو پڻ ڪندو ۽ علائقي ۾ مق??ر پاڪستاني سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيمن سان گڏوگڏ زلزلي متاثرين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. ڏکڻ ??رڪ??ءَ ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي جي ڏس ۾ وزيراعظم 6 فيبروري تي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي هئي ۽ انهن کي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن ۾ هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي هئي. پاڪستان پاران پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن جي مدد جي لاءِ سمورن دستياب وسيلن کي مڪمل طور تي متحرڪ ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ذاتي طور تي امدادي سرگرمين جي نگراني ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ ??رڪ??ءَ جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، اسان جا ٻئي ملڪ هر آزمائش ۽ مصيبت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن. ??رڪ??ه ۾ 6 فيبروري تي تباهي آڻيندڙ زلزلي سان هزارين ماڻهو مارجي ويا.