اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خو??مختياري جي حق لاءِ حمايت جي عزم کي ورجائيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومون پنهنجي واعدن تي عمل ڪري ۽ اهڙا قدم کڻي جنهن سان ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قر??رد??دن موجب خو??مختياري جو ??ق حاصل ??رڻ کي يقيني بڻايو وڃي. خو??مختياري جي حق جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 5 جنوري 1949ع ۾ گڏيل قومن جي ڀارت ۽ پاڪستان بابت ڪميشن (يو اين سي آءِ پي) متفقه طور تي گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم ذريعي ڪشميري عوام جي خو??مختياري جي حق جي حمايت جي قر??رد??د منظور ڪئي هئي. هن چيو ته خو??مختياري جو ??ق عالمي قانون جو هڪ بنيادي اصول آهي جنهن کي عالمي انساني حقن جي دستاويزن ۾ برقرار رکيو ويو آهي، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي خو??مختياري جي حق بابت پنهنجي سالياني قر??رد??د ۾ ان جي توثيق ڪئي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته هي ڏينهن عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن کي ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي عزم جي احترام جي ضرورت کي اجاگر ڪري ٿو. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي قبضي جا گذريل 75 سال ڪشميري عوام تي ظلم جي هڪ افسوسناڪ داستان آهي. هن چيو ته ڀارت ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ دهشت جو ??ازار گرم ڪري رکيو آهي ۽ هن مظلوم ماڻهن کي خو??مختياري جي حق جي پنهنجي نه ڇڏڻ جهڙي حق جو ??ستعمال ??رڻ ۽ عزت جي زندگي گذارڻ جو ??ق ڏيڻ کان انڪاري آهي، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي غيرقانوني ۽ هڪطرفا قدم کنيا آهن، ڀارت ڪشميرين کي پنهنجي سرزمين ۾ هڪ بي اختيار اقليت ۾ تبديل ??رڻ جي لاءِ والاريل واديءَ ۾ آبادياتي ۽ سياسي تبديليون ڪري رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هي وقت آهي ته عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومون پنهنجي واعدن تي عمل ڪري ۽ اهڙا قدم کڻي جنهن سان ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قر??رد??دن ۾ لکيل خو??مختياري جو ??ق حاصل ??رڻ جي قابل بڻائي سگهجي، ان کي انساني حقن جي خلاف ورزين کي فوري طور تي روڪڻ ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادياتي ڍانچي کي تبديل ??رڻ جي لاءِ ڀارت جي قدمن کي تبديل ??رڻ تي پڻ زور ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قر??رد??دن موجب آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم ذريعي ڪشميرين جي خو??مختياري جي حق جي حمايت جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ، ڪشميري جي خو??مختياري جو ??ق حاصل ??رڻ تائين اسان جي ڀرپور، ثابت قدم اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رهندي.