اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيلي مواصلات، توانائي، زراعت، فوڊ پراسيسنگ، لائيو اسٽاڪ، سياحت ۽ قدرتي وسيلن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، حڪومت سيڙپڪار دوست پاليسين تي عمل ڪري رهي آهي، غيرملڪي سيڙپڪار?? کي سيڙڪاري جي لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪيون و??نديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن مصر جي ناليواري ڪاروباري شخصيت نجيب سا??يرس جي قيادت هيٺ وفد سا?? ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف نجيب سا??يرس ۽ سندس وفد کي پاڪستان ۾ ڀليڪار چوندي چيو ته پاڪستان سيڙپڪار دوست پاليسيز تي عمل ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان حڪومت ٻاهرئين سيڙپڪار?? کي سموريون فراهم ڪندي. پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيلي ڪميونيڪشن، توانائي، زراعت، فوڊ پراسيسنگ، لائيو اسٽاڪ، سياحت ۽ قدرتي وسيلن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن جن سا?? ٻاهريون سيڙپڪار ڪمپنيون فائدو کڻي سگهن ٿيون. نجيب سا??يرس چيو ته انهن جو بزنس گروپ پاڪستان ۾ ٽيلي ڪميونيڪشن ۽ ريئل اسٽيٽ جي شعبن ۾ ڪامياب سيڙپڪاري ڪري چڪو آهي. هن پاڪستان ۾ وڌيڪ شعبن ۾ خاص طور تي کاڻيون کوٽڻ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو.