اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب پاران 3 ارب ڊالرن جي واپسي جي مدي ۾ واڌ جي آجيان ڪندي ??يو آهي ته سعودي عرب جي قيادت ۽ حڪومت جا ٿورا مڃون ٿا. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن ??يو ته سعودي عرب جي وز??راعظم ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جا خاص طور تي ٿورا مڃون ٿا. شهزاده محمد بن سلمان جي پاڪستان سان محبت جي سچي دل سان قدر ڪريون ٿا. هن ??يو ته سعودي عرب هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي ڀاءُ جو ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان سان پنهنجي بي مثال محبت جو ثبوت ڏنو. وز??راعظم ??يو ته سعودي عرب جي قدم سان پاڪستان جي معاشي صورتحال بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. پاڪستان جي معاشي پاڻڀرائپ اولين قومي ايجنڊا آهي جنهن جي لاءِ سياسي استحڪام ۽ ميثاق معيشت وقت جي ضرورت آهي.