شرم الشيخ – 07 – نومبر (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪوپ 27 سربراهي ڪانفرنس جي موقعي تي عراق، تاجڪستان، انڊونيشيا جي صد??ن ۽ لبنان جي وزيراعظم ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جار?? بيان موجب مصر ۾ موسمياتي تبديلين جي عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ ڪوششن تي وزيراع??م شهباز شريف سڀني جي نگاهن جو مرڪز بڻجي ويو، عالمي اڳواڻن وزيراعظم جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ مسلسل موجودگي کي غيرمعمولي جذبو قرار ڏنو. ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن وزيراع??م شهباز شريف مصروف ڏينهن گذاريو. هن ڪوپ 27 سربراهي ڪانفرنس جي موقعي تي شرم الشيخ ڪانگريس سينٽر ۾ اهم عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم سان عراق جي صد?? عبداللطيف راشد، تاجڪستان جي صد?? امام علي رحمان، انڊونيشيا جي صد?? جوويدود جدا جدا ملاقات ڪئي. وزيراع??م شهباز شريف سان لبنان جي وزيراعظم نجيب ميڪاتي پڻ ملاقات ڪئي. وزيراع??م شهباز شريف انڊونيشيا جي صد?? سان ڳالهائيندي چيو ته کاڄرو تيل جي فوري پهچ تي توهان جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. انڊونيشيا جي صد?? چيو ته پاڪستان اسان جو ڀاءُ آهي، هر ممڪن مدد تي خوشي ٿيندي. وزيراع??م شهباز شريف انڊونيشيا جي حڪومت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. وزيراعظم تاجڪستان جي صد?? امام علي رحمان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته تاجڪستان جو صد?? هلندڙ سال ڊسمبر ۾ پاڪستان ايندو. ٻنهي اڳواڻن ۾ موسمياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. غيرملڪي اڳواڻن پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهين ۽ جاني نقصانن تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراع??م شهباز شريف چيو ته موسمياتي تبديلين سان پوري دنيا متاثر ٿي رهي آهي، ان جا منفي اثر گهٽ ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون لازمي آهن. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي مدد تي عالمي برادري جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ عالمي اڳواڻن ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.