اسلام آباد -29 سيپٽمبر (اي پي پي) ا??شي??ئي ترقياتي بئنڪ پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ امداد ۽ پائيدار بنيادي ڍانچي جي تعمير جي سرگرمين ۾ مدد لاءِ 2 ارب ڊالرن کان وڌيڪ مدد جي منظوري ڏيندو، اها ڳالهه ا??شي??ئي ترقياتي بئنڪ جي ڊائريڪٽر جنرل يو جين زو ڪوف منيلا ۾ ورچوئل پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌائي، هن پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ ۽ برساتن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصانن تي همدردي ۽ ڏک جو اظهار ??يو ۽ چيو ته بئنڪ اڳ ئي خوراڪ جي فراهمي ۽ خيم?? جي فوري خريداري لاءِ 30 لک ڊالر?? جي گرانٽ فراهم ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته انتهائي ضروري فوري ا??داد، متاثر علائق?? جي بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ 500 کان 700 ملين ڊالرن تائين جو پيڪيج ڏنو پيو وڃي، جنه?? جي منظوري هلندڙ سال جي آخر ۾ ڏني ويندي، هن چيو ته ا??شي??ئي ترقياتي بئنڪ پاڪستان ۾ معاشي طور ڪمزور طبقن تي خوراڪ جي وڌندڙ قيمتن ۽ ٻين ٻاهرين جٽهڪ?? جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 1.5 ارب ڊالر جي ڪائونٽر سائيڪليڪل سپو??ٽ تي ڪارروائي ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ امداد ۽ قدم?? جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان مقامي حڪومت ۽ ٻين عالمي ترقياتي شراڪتدار?? جي ويجهي تعاون سان ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن نقصان?? جي ضرورت?? جي ڪاٿي کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي جيڪو امڪاني طور تي ا??ندڙ مهيني جي وچ ڌاري مڪمل ٿي ويندو، هن چيو ته موسمياتي تبديلي سبب قدرتي آفت?? جي شدت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ موسمياتي تبديلي جو نتيجو آهي، هن ٻوڏ سبب 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن جن مان 6 لک جي لڳ ڀڳ امدادي ڪيمپن ۾ آهن، ٻوڏ سبب 1.7 ملين گهرن کي نقصان پهتو آهي.