نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ نيويارڪ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ مملڪتي ۽ حڪومتي سربراهن جي مان ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي اعليٰ سطح بحث مباحثي جي افتتاحي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو. وزيراعظم فرانس جي صدر ايمنوئل ميڪرون، آسٽريا ??ي فيڊرل چانسلر ڪارل نيهمر، اسپين جي صدر پيڊرو سنچيز پيريز – ڪاسٽي جون ۽ اير??ن جي صدر ابراهيم رئيسي س??ن جدا جدا ملاقاتون ڪندو. ٽپهر وزيراعظم دي ٽائيمز سي??ٽر جو دورو ڪندو ۽ نيويارڪ ٽائيمز جي ادارتي بورڊ سان گڏ انٽرويو ۾ شريڪ ٿيندو. شام جو وزيراعظم سان آمريڪا جو موسمياتي ت??دي??ي بابت خصوصي نمائندو جان ڪيري ملاقات ڪندو.