اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ واپار ۾ اضافي تي ڌيان ڇڪرائيندي ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن اها ڳالهه ترڪيه ??اء?? پاڪست??ن جي نامزد سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد سان ڳالهائيندي ڪئي، جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر نامزد سفير کي سندس مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان ترڪيه سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي ??اء?? پرعزم آهي. هن چيو ته شين جي واپار ??ي معاهدي تي صحيحن سان وچولي مدي ۾ 5 ملين ڊالر جو ٻطرفو واپاري هدف حاصل ڪرڻ جي راهه هموار ٿيندي. هن سڄي دنيا ۽ خاص طور تي هندستان ۾ جتي مسلمانن ک?? روزاني جي بنياد تي هراسان ڪيو پيو وڃي، اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ جي ??اء?? پاڪست??ن جي ڪوششن جي ??اء?? ترڪيه جي حمايت جو اعتراف ڪيو. هن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي ترڪيه پاران پاڪست??ن جي حمايت تي به ٿورا مڃيا ۽ نامزد سفير کي چيو ته هو ترڪيه کي انهن جذبن کان آگاهه ڪري. صدر نامزد سفير کي يقين ڏياريو ته پاڪستان ترڪيه جي بنيادي ايشو تي ??ن جي حمايت ??اء?? پرعزم آهي. پاڪست??ن جي ترڪيه سان لاڳاپن جي قيام کانپوءِ هي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مجموعي طور تي 190 کان وڌيڪ معاهدن/ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن.