فيصل آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) فيصل آباد سميت سڄي ڊويزن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيث??ت ختم ڪرڻ جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قد?? جي خلاف ڪشمير استحصال ڏهاڙو ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو. ان موقعي تي صبح ڏهين وڳي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وين??ي ۽ هر شهري پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندو ۽ عالمي دنيا تي واضح ڪيو ويندو ته خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستاني قوم ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي. ان کانسواءِ ڪشميرين جي ترجماني ڪندي انهن جو آواز سڄي دنيا ۾ اٿاريو ويندو. ان حوالي سان مرڪزي علماءِ ڪائونسل پاڪستان جي سربراهه صاحبزده زاهد محمود قاسمي، پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري ۽ پنجاب علماءِ بورڊ جي ميمب?? علامه طاهر الحسن، صوبائي اسيمبلي ميمبر ميان طاهر جميل، ظفر اقبال ناگره، ميان اجمل آصف، فيصل آباد چيمبر جي صدر عاطف منير شيخ، مرڪزي واپاري تنظيم جي سرپرست اعليٰ ۽ فيصل آباد سٽي جي صدر خواجه شاهد رزاق سڪا ۽ ٻين انتظامي ۽ سياسي شخصيتن چيو ته اسان 5 آگسٽ تي ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيث??ت ختم ڪرڻ جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قد?? کي 3 سال مڪمل ٿيڻ تي ڀارت جي خلاف ڀرپور طريقي سان ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهائي ثابت ڪنداسين ته اسان جا ڪشميري ڀائر پنهنجي جدوجهد جي تحريڪ ۾ اڪيلا نه آهن. هنن مودي کي نئين دور جو هٽلر قرار ڏيندي چيو ته مودي جا قد?? نه رڳو ڪشمير پر پاڻ ڀارت جي لاءِ به مسئلو ب??جندا جنهن سان ڪشمير جي آزدي هموار ٿيندي.