اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) ملڪ جي آزادي جا 75 سال پورا ٿيڻ تي ??ائ??يڪٽوريٽ آف اسپورٽس اينڊ ڪلچر ايم سي آئي، سي ڊي اي جي اهتمام هيٺ اڄ جمعي ڏي??هن 10 هزار چورس فٽ جو جهنڊو ٺاهيو ويندو ج??هن ۾ ا??ڪل 5 هزار ٻار ??صو وٺندا. ايم سي آئي ??ي اسپورٽس اينڊ ڪلچر شعبي پاران جاري پڌرائي موجب ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد/ ايڊمنسٽريٽر، ايم سي آئي ??رفان نواز ميمڻ خاص مهمان هوندو. اها تقريب اڄ جمعي ڏي??هن 12 آگسٽ تي ڪرڪيٽ گرائونڊ ايف نائين پارڪ، گيٽ نمبر 4، اسلام آباد ۾ ٿيندي. ٻئي ??رف 14 آگسٽ 2022ع تي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب جي حوالي سان انتظامن جو جائزه اجلاس خميس ڏي??هن ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جنرل (اي ڊي سي جي) اسلام آباد جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ فائنل سيڪيورٽي ۽ ٽريفڪ انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي. ايس ايس پي آپريشنز، ايس ايس پي ٽريفڪ، اسپيشل اينڊ سيڪيورٽي برانچ ڪي ڊي ايس پيز، اي سي سيڪريٽريٽ ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نمائندن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.