اسلام آباد – 01 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قومي پاليسين ۾ عوامي شموليت جي لاءِ انوويشن حب جو افتتاح ڪندي چيو آهي ته نوجوانن کان جديد آئيڊياز حاصل ڪرڻ لاءِ سمورين وزارتن ۽ ادارن ۾ هڪ سيل قائم ڪنداسين، جنهن ۾ هوشيار ۽ باصلاحيت نوجوانن کي شامل ڪ??و و??ندو، جيڪي جديد آئيڊياز ڏيندا ۽ انهن کي قومي پاليسي سازي ۾ شامل ڪ??داسين. وزيراعظم شهباز شريف بٽڻ دٻائي انوويشن حب جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف شريڪ ٿيندڙن جي آجيان ڪندي چيو ته هي هڪ انقلابي پروگرام آ??ي، اسان جي معاشري ۾ پاليسي سازي ۾ ماهرن جي ڪردار جي کوٽ آ??ي، ان پروگرام جو مقصد پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ هوشيار ۽ قابل پاڪستانين کي پاليسي سازي جو لازمي حصو بڻائڻو آ??ي، جنهن سان جديد خيالن کي پاليسي سازي ۾ شامل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته جديد علم، تحقيق ۽ تجربن جي اڄ جي دور ۾ تمام گهڻي قدر آ??ي، ان خلا کي پُر ڪرڻ جي لاءِ اهو پروگرام شروع ڪيو و??و آهي. وزيراعظم چيو ته هو ذاتي طور تي ان پروگرام کي اجاگر ڪندو ۽ قوم جي هوشيار نوجوانن جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن ان پروگرام ۾ بزرگ شهرين پاران ٺوس تجويزون ۽ آئيڊيا ايندا ته ان جي آجيان ڪنداسين ۽ انهن تي عملدرآمد ڪيو و??ندو. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته پاڪستان هر لحاظ سان ترقي ڪري ۽ جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ٿئي. دنيا تحقيق ۽ جديد تعليم ۾ آسمانن جون بلنديون ڇُهي رهيون آهن، اتي تحقيقي مقالا لکيا ويندا آهن ۽ انهن کي بحث هيٺ آڻي آئيڊياز مان فائدو ورتو و??ندو آهي. ان موقعي تي وزيراعظم اسٽريٽجڪ ريفارمز جي سربراهه سلمان صوفي ٻڌايو ته وزيراعظم جي پبلڪ پاليسي جا قدم جيڪي عوام جي سڌوسنئون فائدي بابت آهن، ان ۾ عوام جي سڌوسنئون شموليت سان انهن جا مسئلا حل ٿيندا، انهي سلسلي ۾ وزيراعظم جي حڪمن تي انوويشن حب جو آغاز ڪيو پيو وڃي. اسان عوام کي پبلڪ پاليسي ۾ شريڪ ڪري رهيا آهيون. ان انوويشن حب جي ذريعي عوام پاران ايندڙ مختلف آئيڊياز کي شامل ڪ??و و??ندو ۽ چونڊيل آئيڊيا ڏيندڙن کي 15 آگسٽ کان پي ٽي وي تي شروع ٿيندڙ پروگرام ۾ گهرايو و??ندو ۽ اهي پنهنجا آئيڊياز قوم آڏو رکندا جن مان چونڊيل آئيڊياز قومي پاليسي جو حصو بڻجندا، جڏهن ته اهي آئيڊيا وزيراعظم کي پيش ڪيا ويندا ۽ هو ان تي انعام ڏيندو. هن ٻڌايو ته عوام پاران ايندڙ مختلف راءِ کي غور هيٺ آڻڻ جي لاءِ پروفيسر فيصل باري، مشرف زيدي، شاهه رخ خليل، عائشه رضا فاروق ۽ شزه تي ٻڌل ڪ??يٽي ٺاهي وئي آهي. وزيراعظم اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ ان تي عملدرآمد ڪندو، ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن به پنهنجي راءِ ڏني. واضح رهي ته انوويشن حب جو قيام ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو قومي پاليسين ۾ عوامي شموليت جي لاءِ عمل ۾ آندو و??و آهي. وزيراعظم جي پاليسي ٺاهڻ جي عمل ۾ سڀني ڌرين جي راءِ کي اهميت ملندي. باصلاحيت نوجوان افرادي قوت جي ڪردار کي اهميت ڏيڻ جي لاءِ حب جو قيام عمل ۾ آندو و??و آ??ي، انوويشن حب جو قيام پاليسي سازي ۽ ملڪي ۽ عوامي ضرورتن کي هم آهنگ بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.