لاهور – 30 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پروي?? اشرف چيو آهي ته هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ ۽ دليل سان ڳالهه ڪرڻ ۾ ئي اسان جي بقا آهي، جيڪو به استعيفا ڏيندو سامهون ويهاري ان کان استعيفا لکرائي ويندي ۽ اهو به پڇيو ويندو ته توهان تي ڪو دٻاءُ تي نه آهي، پارليامينٽ جا فيصلا پارليامينٽ ۾ ٿيڻ گهرجن، جلد چونڊن جا معاملا اليڪشن ڪميشن ۽ حڪومت کي ڏسڻا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وچ پنجاب جي پيپلزپارٽي سيڪريٽريٽ ۾ ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ ڪيو. ان موقعي تي جنرل سيڪريٽري سيد حسن مرتضيٰ، انفارميشن سيڪريٽري شهزاد سعيد چيمه، چوڌري اسلم گل، ڊاڪٽر خيام حفيظ، افنان بٽ، انجم بٽ، ملڪ جمشيد شهباز ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا. ان کان اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پروي?? اشرف پيپلزپارٽي جي وفد سان داتا درٻار ۽ مزار اقبال به ويو ۽ اتي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ استحڪام جي دعا ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي راجا پروي?? اشرف چيو ته هڪ آئيني ذميداري پوري ڪرڻ لاهور آيو هئس، خوش اسلوبي سان پنجاب جي وڏي وزير جو حلف ٿي ويو، مون کي يقين آ??ي ته قوم آئين پاڪستان جي حفاظت ڪندي، اسان کي اخلاقيات جي اندر رهي هلڻ گهرجي ۽ سڀني کي گڏجي پاڪستان کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪرڻو آهي، هن چيو ته پارليامينٽ ۽ آئين جي تقد?? کي بحال رکڻ سڀني جي ذميداري آهي جيڪو آئين سان گڏ نٿو هلي ان سان مُشڪلاتُون پيدا ٿينديون آ??ن، هر هڪ کي آئين پاڪستان جي پاسداري ڪرڻ گهرجي، آئون هن وقت اسپيڪر آهيان ۽ اسپيڪر سموري هائوس جو اسپيڪر هوندو آهي، هن چيو ته جيڪي استعيفائون مون وٽ آيون آ??ن ۽ جن استعيفائن تي شڪ آهي انهن کي ٻيهر چيڪ ڪرڻ چاهيان ٿو، آئين پاڪستان ۾ ئي اسان جي ڀلا??ي آهي، آئين سان گڏ بيهڻو پوندو، يقين آ??ي ته پاڪستاني قوم آئين پاڪستان ۽ سمورن ادارن سان گڏ بيهندي، هن چيو ته آئين پاڪستان ۽ پارليامينٽ جي تقد?? کي برقرار رکڻ اسان سڀني جو فرض آهي، 73ع جي آئين تي عمل وقت جي ضرورت آهي، اسپيڪر جي حيثيت ??ان پنهنجون ذميداريون ۽ پارلياماني نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سموريون صلاحيتون استعمال ۾ آڻيندس، مون سميت ??ڀني ماڻهن کي آئين تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي.