اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز ش??يف سان عوامي نيشنل پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر امير حيدر خان هوتي ۽ ايمل اسفنديار ولي ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ۽ اڳوڻو قومي اسيمبلي ميمبر حاجي غلام احمد بلور پڻ ش??مل هئا. ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن وزيراعظم شهباز ش??يف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ان کانسواءِ موجود?? ملڪي سياسي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي.