اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته 90 لک اوورسيز پاڪستاني عمران خان تي ڀرپور اعتماد ڪندا آهن، اوورسيز پاڪستانيز اس??ن جو اثاثو آهن، اوورسيز پاڪستانيز ساليانو 30 ارب ڊالر پاڪستان م??ڪلي رهيا آهن، مريم صفدر اليڪشن ڪميشن اچي ثابت ڪري ڇڏيو ته اڪبر ايس بابر ن ليگ جي ايزي لوڊ تي هلندو آهي، مريم صفدر کي چئلينج آهي ته هن وٽ فارن فنڊنگ جو رڪارڊ تائين نه آهي، پي ٽي آءِ پهريون ڀيرو پوليٽيڪل فنڊ ريزنگ شروع ڪئي، پي ٽي آءِ اس??رو??ني ڪميٽي کي سمورو رڪارڊ ڏنو، مڪمل تعاون ڪيو، اليڪشن ڪميشن کي ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي فارن فنڊنگ ڪيس جي جلد ٻڌڻي جي درخواست ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار مملڪتي وزير فرخ حبيب اليڪشن ڪميشن ٻاهران م??ڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اوورسيز پاڪستاني ساليانو 30 ارب ڊالر موڪلي رهيا آهن، ن ليگ دور ۾ اهو مٽاسٽا جو ناڻو 18 ارب ڊالر هو، اس??ن جي خلاف پر??پيگنڊا ڪئي ويندي آهي ته پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪئي آهي، اس??ن جا پيڊ ميمبر ساليانو جي بنياد تي ميمبرشپ ادا ڪندا آهن، اس??ن کي فارن فنڊنگ ڪندڙ ماڻهو اڄ منهنجي چ??ڌاري بيٺل آهن، اس??ن کي اس??ائيل ۽ ڀارت کان فنڊنگ وٺڻ جا طعنا ڏيندڙ ڏسي وٺن ته اس??ن کي ڪهڙا ڪهڙا پاڪستاني فنڊنگ ڏيندا آهن، مريم، بلاول، زرداري، شهباز شريف سميت ڪنهن کي انهن فارن فنڊنگ ڪندڙن سان م??ڻو آهي ته اچي وڃن، مملڪتي وزير چيو ته ٻلي ٿيلهي کان ٻاهر اچي وئي آهي، ثابت ٿي ويو ته اڪبر ايس بابر ن ليگ جي ايزي لوڊ تي هلندو آهي، اڄ مريم صفدر پاڻ، اڪبر ايس بابر جي ڪيس جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن آيل آهي، مريم صفدر کي چئلينج آهي ته هن وٽ فارن فنڊنگ جو رڪارڊ تائين نه آهي، فرخ حبيب چيو ته مريم ٻڌائي ته 65 ڪروڙ ڪٿان آيا، مئل ماڻهن جا اڪائونٽس 2017ع تائين ڪير هلائيندو رهيو، گذريل ٽن م??ينن کان پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي اڪائونٽس جي جاچ پڙتال تي هڪ اجلاس نه ٿي سگهيو، سڀني سان هڪجهڙو سلوڪ ٿيڻ گهرجي، فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ اس??رو??ني ڪميٽي کي سمورو رڪارڊ ڏنو، مڪمل تعاون ڪيو، پيپلزپارٽي پنهنجي 12 ڳجهن اڪائونٽن جي باري ۾ ٻڌائي، فضل الرحمان ڪير ٿيندو آهي جيڪو ادارن کي ڊڪٽيٽ ڪري، فضل الرحمان ليبيا کان فنڊنگ وٺندو رهيو آهي، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پيپلزپارٽي مارڪ سيگل کي يو ايس اي ۾ ڇو ادائيگيون ڪندي رهي، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي يو ڪي ۽ آمريڪا ۾ لميٽيڊ ڪمپنين جي طور تي رجسٽرڊ آهن، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اس??ن هڪ ڀيرو ٻيهر اليڪشن ڪميشن کي لکت ۾ درخواست ڪئي آهي ته ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي فارن فنڊنگ ڪيس جي جلد ٻڌڻي ڪئي وڃي، اس??رو??ني ڪميٽي کي فوري فعال ڪيو وڃي ته جيئن ڪميٽي پنهنجي رپورٽ مڪمل ڪري، فرخ حبيب چيو ته مريم صفدر، فضل الرحمان، زرداري پنهنجي پارٽين جا کاتا کڻي اچن.