اسلام آباد – 18 جنوري (اي ??ي پي) وز??راعظم عمران خان هوابازي جي شعبي ۾ خدمتن جي بهترين معيار کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وز??راعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ هوابازي جي شعبي بابت معاملن جو جائزو وٺڻ لاءِ ا??لاس منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ هوابازي واري وفاقي وز??ر غلام سرور خان، ناڻي واري وفاقي وز??ر شوڪت فياض ترين ۽ لاڳاپيل سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وز??راعظم عمران خان هوابازي جي شعبي ۾ خدمتن جي بهترين معيار کي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته مسافرن کي بهتر کان بهتر خدمتون پهچائڻ لاءِ ملڪ ۾ هڪ موثر چٽاڀيٽي جو عمل جاري ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، وز??راعظم قومي فضائي ڪمپني پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز (پي آءِ اي) جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي به هدايت ڪئي.