اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آ??ي ته پاڪستان ڀائر ملڪ شام سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گه??ي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي ت??اون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي، اقتصادي ۽ ڪوويڊ 19 جهڙن صحت جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي ت??اون وڌائڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن ??و اظهار هن عرب جمهوريه شام جي ت??ليم واري وزير ڊاڪٽر داريم تبع سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ شام جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن جن جون پاڙون گڏيل مذهب، قدرن ۽ ثقافت ۾ آهن. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان انٽرنيشنل اسڪول دمشق ۾ شامي رهواسين کي معياري ت??ليم فراهم ڪندڙ هڪ ناليوارو ادارو آهي. هن چيو ته هي اسڪول شامي شاگردن کي عالمي معيار موجب تعليم فراهم ڪندو رهندو. صدر اقتصادي ۽ ڪوويڊ 19 جهڙن صحت جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي ت??اون وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو. ان موقعي تي ٻنهي طرفن مختلف شعبن خاص طور تي ت??ليم ۽ ثقافت ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي مٽاسٽا سان گڏوگڏ اع??يٰ تعليم جي شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو. ملاقات دوران ٻڌايو ويو ته پاڪستان شامي شاگردن کي پاڪستان جي پيشيواراڻي ۽ اع??يٰ تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ وظيفن جي آڇ ڪندو. ان موقعي تي ڊاڪٽر داريم تبع شامي قيادت پاران صدر کي مبارڪباد وارو پيغام پهاچيو. هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي ت??اون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.