اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان اسلامي فلاحي رياست بڻجڻ جي سفر تي گامزن آهي، حڪومت معاشري جي ڪمزور طبقن ۽ عام ماڻهن جي ڀلائي لاءِ پروگرام متعارف ڪرايا آهن، اسان چوري ڪندڙن جي احتساب جي ڳالهه ڪريون ٿا، ان لاءِ مخالف اسان جي خ??اف گوڙ ڪري رهيا آهن، اسان کي آزاد عدليه ۽ م??ڊي?? مان ڪو به مسئلو نه آهي، ماضي ڪنهن به حڪومت م??ڊي?? کي تنقيد جي ايتري آزادي نه ڏني جيتري اسان ڏني آهي، پروپيگنڊا وسيلي وزيراعظم جي توهين ڪ??ي وئي ۽ الزام لڳايا ويا، م??ڊي?? ۾ 70 سيڪڙو پروگرام ۽ خبرون اسان جي خ??اف آهن، نوجوان نوان آئ??ڊي?? آڻين، حڪومت پوري طرح حمايت ڪندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ڊجيٽل م??ڊي?? ڊولپمينٽ پروگرام تحت نوجوانن لاءِ ڊجيٽل م??ڊي?? انٽرنشپ جي آغاز جي تقريب کي خطاب ڪ??دي ڪيو، ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات جو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين به موجود هو، وزيراعظم چيو ته هن پروگرام جو آغاز خوش آئنده آهي، نوجوان اسان جي ملڪ جو مستقبل آهن، وزيراعظم چيو ته نوجوانن پاڻ کي گهٽ نه سمجهن، مون ڪرڪيٽ ۾ گهڻيون مشڪلاتون ڏٺيون پر ڪڏهن به هار نه مڃي ۽ ڪوششون جاري رکيون. هن چيو ته الله تعاليٰ انسان کي اشرف المخلوقات بڻايو آهي، وڏا خواب ڏسندڙ ۽ ان لاءِ محنت ڪندڙ ??ي وڏا انسان ٿين ٿا، ۽ اهي مشڪلاتن کان ناهن گهٻرائيندا، وزيراعظم چيو ته دنيا ڊجيٽل طرف وڃي پئي ۽ ايندڙ دور ڊجيٽل جو آهي، نوجوان پنهنجين صلاحيتن جو استعمال ڪ??دي وڏن هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندا رهن ۽ پنهنجي سوچ بلند رکن، هن چيو ته دنيا ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو رهن ٿا هڪڙا اهي جيڪي پاڻ لاءِ سوچين ٿا ٻيا اهي جيڪي ٻين لاءِ سوچيندا آهن. وزيراعظم چيو ته انٽرنشپ حاصل ڪندڙ پاڪستان جي ويزن ۽ مقصد کي اڳيان وڌائن، پاڪستان بڻائڻ جو مقصد هڪ اهڙو ملڪ بڻائڻ هو جيڪو مثالي ۽ سلامي رياست ٺهي، اسلامي رياست خوددار هو??دي آهي جيڪا ڪنهن جي به آڏو ناهي جهڪندي، اسان کي هڪ خوددار قوم بڻجڻو آهي، اسلامي رياست جي ٻي خاصيت انسانيت جو احساس هو??دي آهي ۽ اسان ان جي لاءِ ئي احساس پروگرام شروع ڪيو. خيبرپختونخوا ۾ هر خاندان کي اسان صحت انشورنس فراهم ڪئي آهي. بي گهرن لاءِ پناهگاهون قائم ڪيون آهن، هن چيو ته ماڻهن جي ڀلائي جو ڪم پاڪستان ٺهڻ سان ئي شروع وڃڻ گهرجي ها، هن چيو ته ڪو به معاشرو انصاف کانسواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي. اسلامي رياست ۾ قانون جي حڪمراني هو??دي آهي جتي قانون جي حڪمراني نه هجي ته اها بنانا ريپلڪ هو??دي آهي، وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت ۾ ميرٽ جو نظام آهي ۽ سرڪاري عهدا ڪنهن خاندان جي ماڻهن لاءِ نه آهن، اسان طاقتور کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته مخالف شور مچائڻ شروع ڪن ٿا، ڇو ته اسان چوري ڪندڙن جي احتساب جي ڳالهه ڪريون ٿا، وزيراعظم چيو ته پهرين صرف ڪمزورن کي جهليو ويندو هو ۽ طاقتورن جي خ??اف ڪير به ڪارروائي نه ڪندو هو. مخالفين اين آر او گهرن ٿا ۽ چاهين ٿا ته انهن کي نه جهليو وڃي، وزيراعظم نوجوانن تي زور ڏنو ته هو سچ تي قائم رهن ۽ حقيقتون بيان ڪن ڇو ته ڪوڙ ڳالهائيندڙ جي ڪا به عزت ناهي هوندي، وزيراعظم چيو ته صحافت ۾ ساک جي وڏي اهميت هو??دي آهي، ڪوڙيون خبرون ڏيندڙن جي عزت نٿي رهي، تنقيد سدائين سچ جي بنياد تي هجڻ گهرجي، اسان کي آزاد عدليه ۽ ميِڊيا مان ڪو به مسئلو نه آهي ڇو ته اسان جي حۡڪومت نه قانون ٽوڙي ٿي نه ئي ڪرپشن ڪري ٿي، وزيراعظم چيو ته هو چئلينج ڪري ٿو ته م??ڊي?? کي جيتري آزادي هن وقت آهي اها ماضي ۾ ڪڏهن به ناهي ملي، ٽن سالن ۾ 70 سيڪڙو پروگرام ۽ خبرون اسان جي خ??اف هلايون ويون، جيترا بهتان ۽ الزام منهنجي مٿان ۽ منهنجي وزيرن جي مٿان هنيا ويا دنيا ۾ ڪنهن به جمهوري ملڪ ۾ ائين نٿو ٿئي، هن ان سلسلي ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي نامزدگي بابت ٽن اخبان ۾ پهرين صفحي تي شايع ٿيندڙ خبرن جو حوالو ڏي??دي چيو ته جيڪڏهن انگلينڊ ۾ ڪا به اخبار اهڙي طرح جي خبر ڏئي ها ته ان جي خ??اف ملين ڊالر جو کٽي شوڪت خانم جو عطيو ڪريان ها، پروپيگنڊا وسيلي وزيراعظم جي توهين ڪ??ي وئي. وزيراعظم چيو ته رياست م??ڊي?? کي ماضي ۾ پروپيگنڊا لاءِ استعمال ڪيو ۽ حڪمران م??ڊي?? کي رشوت وسيلي ڪنٽرول ڪندا هئا، هن نوجوانن تي زور ڏنو ته هو سچ کي پروموٽ ڪن ۽ رياست جي مقصد ۽ ويزن کي اڳيان وڌائن، هن چيو ته ڊجيٽل م??ڊي?? ۾ نوجوانن لاءِ وڏا موقعا موجود آهن هو نون آئ??ڊي??ز سان اڳيان اچن، حڪومت انهن جي سپورٽ ڪندي، واضح رهي ته ڊجيٽل م??ڊي?? ڊولپمينٽ پروگرام وزيراعظم جي ان ويزن جو حصو آهي جنهن تحت نوجوانن کي جديد هنر سان ليس ڪرڻ آهي، ان پروگرام تحت اهل نوجوان ٽن مهينن تي ٻڌل مشهور سوشل م??ڊي?? ڪمپنين، فيس بڪ، گوگل، يوٽيوب ۽ ٽيوٽ جي ماهرن کان ٽريننگ حاصل ڪندا. جنهن کانپوءِ کين سرٽيفڪيٽ ڏنا ويندا، گڏيل قومن جو ترقياتي پروگرام يو اين ڊي پي انهن نوجوانن کي انٽرنشپ دوران معاوضو به ادا ڪندو.