اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته تعميراتي شعبي ۾ تيزي سان ترقي ٿي رهي آه??، ملڪ جي عام ماڻهو کي معاشي طور تي بهتر بڻائڻ حڪومت جي ترجيح آه??، پراپرٽي، هائوسنگ ۽ ڪنسٽرڪشن نمائش 2021ع تعميراتي شعبي ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا اجاگر ڪندي، تعميراتي صنعت کي درپيش مشڪلاتن کي ختم ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان پراپرٽي، هائوسنگ ۽ ڪنسٽرڪشن ايڪسپو 2021ع جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ايڪسپو جو انعقاد نئون پاڪستان هائوسنگ ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي گڏيل ڪوشش آه??. ايڪسپو 5 سيپٽمبر تائين جاري رهندو. نمائش تعميراتي شعبي ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جا وسيعا موقعا اجاگر ڪندي. تعميراتي شعبو ملڪي معيشت جي ترقي ۽ استحڪام ۾ اهميت رکندڙ آه??. تعميراتي شعبي جي ترقي سان واڳيل 40 صنعتن کي فروغ ملندو جڏهن ته روزگار جا وسيع موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم چيو ته ايڪسپو جي موقعي تي نئون پاڪستان هائوسنگ ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ آءِ سي سي آءِ کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، پوري ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته سڄو خام مال پاڪستان ۾ ئي ملي ۽ انڊسٽري درآمدات تي گهٽ دارومدار ڪري، ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته سمورو لاڳاپيل خام مال پاڪستان جي اندر ئي مينوفيڪچر ڪيو وڃي، آئون يقين ڏياريان ٿو ته حڪومت ان حوالي سان ڀرپور تعاون ڪندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ تعميرات جي شعبي ۾ تيزي اچي رهي آه??، ملڪ جي آبادي 22 ڪروڙ آه?? ۽ ان آبادي کي گهر جي ضرورت آه??، اسان جي ملڪ ۾ ڪڏهن موقعو ئي ناهي مليو ته هڪ عام ماڻهو، ڏهاري تي ڪم ڪندڙ ۽ عام سرڪاري ملازم پنهنجو گهر ٺاهي سگهي، اسان ٻن سالن ۾ عدا??تن کان گهرن جي تعمير جي لاءِ بئنڪن کان پئسا ڏيڻ جي حوالي سان فيصلا منظور ڪرايا، هاڻي بئنڪون ماڻهن کي گهر ٺاهڻ جي لاءِ رقم ڏينديون. وزيراعظم عمران خان چيو ته تعميراتي شعبي جي ترقي ۽ طلب ۾ اضافي جي ڪري تعميرات وڌندي ۽ اهڙي طرح تعميراتي شعبي سان واڳيل صنعتون پڻ ترقي ڪنديون. هن چيو ته ملڪ جي ڪمزور ۽ غريب طبقي کي غربت مان ڪڍڻ حڪومت جي اولين ترجيح آه??، دنيا ۾ ڪو به ملڪ ان وقت تائين ترقي نه ٿو ڪري سگهي جيستائين ان ۾ هڪ ننڍو طبقو امير ۽ باقي غريبن جو سمنڊ هجي، ماضي جي حڪومتن عام ماڻهو جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو، اسان جو نظام عام ماڻهو کي سهولتون فراهم ڪرڻ بدران وڌيڪ الجهاءُ جو شڪار ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي پاليسي اها آه?? ته اسان ان طبقي کي اڳتي وٺي اچون جنهن کي 70 سالن کان نظرانداز ڪيو ويندو رهيو، اسان کي چين جي ترقي جي ماڊل کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. هن چيو ته ڪورونا دوران اسان تعميراتي شعبي کي کليل رکڻ جي اجازت ڏني ڇو جڏهن لاڪ ڊائون ڪيو وڃي ٿو ته عام ماڻهو، پورهيت طبقو ??ا ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقو تمام گهڻو متاثر ٿئي ٿو. هن چيو ته جڏهن سڌارن جي ڳالهه ڪئ?? وڃي ٿي ته اهو هڪ جدوجهد جو نالو آه??، نظام ۾ تبديلي ڪرڻي هوندي آه??، اڄ پاڪستان ۾ سوچ تبديل ٿي رهي آه??. هن چيو ته ٻه سال اڳ تعميرات جي حوالي سان جيڪي رڪاوٽون هيون هاڻي اهي نه آه??، اسان مسلسل سڌارا آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آه??ون. وزيراعظم چيو ته تعميراتي شعبي ۾ وڏي انگ ۾ روزگار جا موقعا موجود آه??، ڪو به ملڪ ان وقت ترقي ڪندو آه?? جڏهن ان ملڪ جي نوجوان نسل کي روزگار ميسر هجي، ان کانسواءِ جيستائين ملڪ جي روانگي واپار ۾ اضافو نه ٿو ڪيو وڃي ان وقت تائين ملڪ جي دولت نه ٿي وڌي سگهي، ملڪي قرضن جي ادائيگي به معيشت جي ترقي سان ئي ممڪن آه??. هن چيو ته اها تمام ضروري ڳالهه آه?? ته حڪومت انڊسٽريز جي لاءِ آسانيون پيدا ڪندي ان سان تعاون ڪري پر ان سان گڏوگڏ صنعتن جي به اها ذميواري آه?? ته اهي به ٽيڪس جي ادائيگي جي ذريعي حڪومت سان تعاون ڪن. هن ايڪسپو منعقد ڪرڻ تي نئون پاڪستان هائوسنگ ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ آءِ سي سي آءِ کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اسان اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس سان گڏجي ڪم ڪنداسين، مشڪلاتن کي ختم ڪيو ويندو، تعميرات بابت ايندڙ اجلاس ۾ سي ڊي اي کي پڻ گهرائينداسين ۽ سمورين مشڪلاتن کي حل ڪيو ويندو.