اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي ناموس رسالت جي ??حفظ ۽ اسلامو فوبيا جي معاملي تي آواز بلند ڪرڻ تي الجزير?? ٽي وي جي هفتيوار پروگرام ”سباق الاخبار“ (نيوز مقابله) ۾ هفتي جي مشهور شخصيت قرار ڏنو ويو آهي. سباق الاخبار الجزير?? ٽي وي تي عربي ۾ موثر ۽ هڪ ڪلاڪ جو هفتيوار لائيو پروگرام آهي جيڪو عرب ملڪن ۾ تمام گهڻو مقبول آهي، ان پروگرام ۾، چينل هفتي جي ٽن کان چئن وڏين خبرن جي چونڊ ڪندو آهي ۽ ان کانپوءِ ناضرين کي ووٽ ڏيڻ جو چيو ويندو آهي ته ڪهڙي نيوز اسٽوري ۽ ان سان لاڳاپيل شخصيت سندن خيال ۾ بهترين آهي، ان پروگرام ۾ خبرن سان گڏوگڏ مهمانن جا انٽرويوز به ورتا ويندا آهن، الجزيره جا ناظرين/ شائقين 24 اپريل 2021ع تي سباق الاخبار پروگرام ۾ چئن عالمي شخصيتن لاءِ ووٽنگ ڪرائي جنهن ۾ الجزيره جي ناظرين پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان کي ناموس رسالت جي ??حفظ جي لاءِ عالمي آواز بڻجي ??ڀرڻ تي پسنديده ترين شخصيت قرار ڏنو ويو. ٻين اڳواڻن جن لاءِ ناضرين پسنديدگي جا ووٽ ڏنا، تنهن ۾ شام ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ميشيل ڪيلو جنهن اڌ صدي تائين مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪيو، چاڊ جي ??در ادريس ديبي جنهن 3 ڏهاڪن تائين حڪومت ڪئي ۽ باغين سان جهڙپن ۾ فوت ٿي ويو ۽ ڪيوبا جو صدر فيڊل ڪاسترو جنهن 6 ڏهاڪن تائين حڪومت ڪئي، شامل آهن. پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان اسلامو فوبيا جي مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوششن تي 56 سيڪڙو ناضرين پسنديدگي جو ووٽ ڏنو، چاڊ جي ??در ادريس ديبي کي 33 سيڪڙو ۽ شام جي مخالف ڌر اڳواڻ ميشيل ڪيلو کي 8 سيڪڙو جڏهن ته ڪيوبا جي ??در فيڊل ڪاسترو کي 3 سيڪڙو ووٽ مليا، اهڙي ??رح وزيراعظم عمران خان کي مقبول ترين شخصيت قرار ڏنو ويو. پروگرام جي ميزبان پاڪستاني وزيراعظم عمران خان جي ??ياسي زندگي تي روشني وجهندي چيو ته عمران خان ڪرڪيٽ جي ??نيا ۾ پنهنجو پاڻ مڃائڻ کانپوءِ سياست جي ميدان ۾ به پنهنجي ??لاحيتن جا جوهر ڏيکاريا ۽ ناموس رسالت جي ??حفظ لاءِ هڪ عالمي آواز بڻجي ??ڀريو ۽ اولهه جي ??ڪومتن کان مطالبو ڪيو ته جيڪو به نبي ڪريم ﷺ جي ناموس ۾ گستاخي جو مرتڪب ٿيو ان کي سزا ڏني وڃي.