اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورو??ا وبا ۽ ماحولياتي تبديلي جهڙن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي جي ضرورت آهي، ڪورو??ا وبا جي عالمي سطح تي روڪٿام لاءِ ويڪسينيشن جي عمل ۾ اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪئي ??ڃي، پاڪستان ماحولياتي تبديلي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، پاڪستان ماحولياتي تبديلي جي اثرن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ 10 ارب وڻ لڳائڻ جو منصوبو شروع ڪيو آهي، اسان کي ڪورو??ا وبا جي ٽئين لهر درپيش آهي، ان لهر کي به شڪست ڏينداسين، عالمي برادري کي اها ڳالهه يقيني بڻائڻ گهرجي ته ويڪسين هر جڳهه، هر ڪنهن جي لاءِ ۽ جلد کان جلد ستياب هج??، ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي رستي ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ گهرجن، ترقي يافته ملڪ پيرس معاهدي تحت پنهنجا واعدا پورا ڪن، اسرندڙ ملڪن مان چوري ٿيل اثاثا فوري ۽ غيرمشروط طور واپس ٿيڻ گهرجن، اسان کي گڏجي غ??رمشروط طور هڪ نئين، پرامن، برابري ۽ پائيدار عالمي نظام جي لاءِ تعاون ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي ترقي جي لاءِ مالي مدد بابت اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل فورم جي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.