اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا گهرو وزير کي ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ ترميم ڪرڻ جا اختيار ڏيڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو. سي ڊي اي چيئرمين ڪابينا کي مارگلا روڊ اسلام آباد تي قبضن جي حو??لي سان بريفنگ ڏني. وزيراعظم چيو ته قانون سڀني جي لاءِ برابر آهي. دفاع واري وزارت ان ڏس ?? ڪابينا جي هدايتن تي م??مل عملدرآمد ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي. ڪابينا يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي سمورن ملازمن تي پاڪستان ايسينشل سروسز مينٽيننس ايڪٽ 1952ع لاڳو ڪرڻ جي وڌيڪ 6 مهينن جي لاءِ منظور?? ڏني.